سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني هوا سان برسات،سيپڪو جا 46 فيڊربند ٿي ويا

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني هوا ۽ برسات بعد سيپڪو جا 46 فيڊرز بند ٿي ويا. ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ترجمان سيپڪو موجب ڪنڊيارو،رحمان نگر، خيرپورناٿن شاهه، نوشهروفيروز، نوان جتوئي، چونڊڪو، اوٻاوڙو، شهدادڪوٽ، ڏوڪري، رانڌڻ، ميرپورماٿيلو، گمبٽ ۽ راڻيپور جي فيڊرز جي بجلي معطل ٿي وئي آهي.سيپڪو چيف محمد سليم متاثرن علائقن ۾ جلد بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔