وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ،پي ٽي وي جي ماهوار لائسنس فيس ۾ واڌ ملتوي

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) جي ماهوار لائسنس فيس ۾ واڌ ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال سميت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ وفاقي وزيرن فيصل واوڊا، مراد سعيد ۽ فواد چوڌري پي ٽي وي فيس ۾ واڌ تي اعتراض ڪيو ۽ سندن چوڻ هو ته فيصلي کان اڳ عوام کي ٻڌايو وڃي ته سرڪاري ٽي وي تي 14 ارب رپين جو خسارو آهي.

وزيرن جي اعتراض کانپوءِ وفاقي ڪابينا پي ٽي وي فيس ۾ واڌ جو معاملو پوئتي ڪري ڇڏيو ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ تائين فيصلي تي عمل روڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت ڪابينا کان پي ٽي وي جي فيس وڌائڻ جي منظوري کانپوءِ پي ٽي وي لائسنس فيس 35 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪري ڇڏي هئي.

ڪابينا اجلاس دوران اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ 2020 ۾ تجويز ڪيل ترميم جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي حوالي سان ڪمپنيز ايڪٽ ۽ لائبليٽيز پارٽنرشپ ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي به منظوري ڏني وئي.

وفاقي ڪابينا منشيات ٽوڙ ايڪٽ 1997 ۾ ترميم ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ري آرگنائيزيشن ايڪٽ 2020 جي منظوري به ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔