سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 22 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي :سنڌ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 22 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 551 نوان ڪيس سامهون اچي ويا، صوبي ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 2041 ۽ متاثرن جو انگ هڪ لک 14 هزار 104 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا نوان انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 324، حيدرآباد ۾ 36، خيرپور ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 20-20 ڪيس سامهون آيا، شڪارپور ۾ 17، سکر ۾ 12، لاڙڪاڻو ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 9-9 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔