اسان جو جعلي لائسنس وارو اسڪينڊل سڄي دنيا ۾ مشهور آهي:چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : اسان جو جعلي لائسنس وارو اسڪينڊل سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، ٻڌايو ته ڇا سول ايويئيشن اٿارٽي جي ڪنهن آفيسر خلاف ڪارروائي ٿي؟ اسان تقرير نه ٻڌنداسين، سُپريم ڪورٽ طرفان سول ايويئيشن اٿارٽي جي ڊي جي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس گلزار احمد ڊي جي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان هن عهدي جي اهل نه آهيو، سي اي اي هلائڻ توهان جي وس جي ڳالهه نه آهي، اسان لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي جو پائليٽس جا لائسنس جعلي نڪتا، ڇا لائسنس ڏيڻ وقت سول ايويئيشن اٿارٽي وارن جا سمورا ڪمپيوٽرز بند هئا، ڊي جي سي اي اي عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته اداري ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سول ايويئيشن اٿارٽي وارن عوام جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آهن، سنگين ڏوهه ڪرڻ ۽ ڪرائڻ وارا آرام سان پگهار وٺي رهيا آهن، پاڪستان ۾ سموريون برايون ايئرپورٽس کان اچن ٿيون، ماڻهو چون ٿا ته دُنيا ۾ ڪرپٽ ترين ملڪ اسان جو آهي، ڊي جي صاحب! توهان استعيفيٰ ڏيو ٿا يا اسان ڪارروائي ڪريون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔