ڪراچي ۾ کير مهانگو وڪرو ڪرڻ تي ڊيري فارمرز۽ ٻين کي نوٽيسز جاري

ڪراچي :ڪراچي ۾ کير مهانگو وڪرو ڪرڻ تي ڊيري فارمرز، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري، عدالت کير جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تي ڌُرين کان 6 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو، کير جي اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته درخواستگذار مسڪين گجر کي ڊيري فارمرز ائسوسيئيشن جا مختلف ماڻهو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، سندس ڪاروبار تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، درخواستگذار مسڪين گُجر طرفان پوليس ذريعي تحفظ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔