ٻٽي شهريت وارن کي ڪابينا ۾ ڪيئن ٿو شامل ڪيو وڃي؟: شيري رحمان

اسلام آباد : پيپلزپارٽي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته جيڪڏهن ٻٽي شهريت وارو پارليامينٽ جو ميمبر نٿو بڻجي سگهي ته ان کي ڪابينا ۾ ڪيئن ٿو شامل ڪيو وڃي.؟ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته ٻٽي شهريت بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي، ڪيترائي پارليامينٽيرينز ٻٽي شهريت جي ڪري نااهل به ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ عمران خان جو ٻٽي شهريت تي موقف سخت رهيو هو، هاڻي هـُن پنهنجي ڪابينا ۾ ڪيئن ٻي ملڪ جي شهريت رکڻ وارن کي شامل ڪيو آهي؟ شيري رحمان وڌيڪ چيو ته عمران خان ماضي ۾ چوندو هو ته ٻٽي شهريت رکڻ جو مقصد ٻي ملڪ سان وفاداري جو حلف آهي، ٻڌايو وڃي ته ٻٽي شهريت رکڻ وارن کي ڪهڙي ريت پارليامينٽ جو ميمبر بڻايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔