ٻٽِي شهريت رکندڙ شخص پارليامينٽ جو ميمبر بڻجي نٿو سگهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٻٽِي شهريت رکندڙ شخص پارليامينٽ جو ميمبر بڻجي نٿو سگهي، چونڊيل ماڻهن جي پنهنجي اهميت آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته چونڊيل نمائندا ئي حقيقي طور عوام جا نمائندا هوندا آهن. هن چيو ته سڀاڻي وفاقي ڪابينا جَي اجلاس ۾ ٻٽي شهريت وارو معاملو غور هيٺ ايندو. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ٻٽي شهريت جي حوالي سان ملڪ جو قانون واضح آهي، ان ۾ ڪي به ابهام موجود نه آهن. پرڏيهي وزير چيو ته قانون ۾ واضح آهي ته ڪو به ٻٽي شهريت وارو پارليامينٽ جو ميمبر نٿو بڻجي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔