ملڪ ۾ ڪرونا وگهي فوتين جو انگ 6 هزار جي ويجهو پهچي ويو

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتين جو انگ 6 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 65 هزار کان وڌيڪ قاتل وائرس ۾ مبتلا آهن. ملڪ ۾ ڪرونا جي نون ڪيسز ۽ فوتگين جي شرح ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آهي، ڪرونا سٽيل وائرس جي فهرست ۾ پاڪستان جو نمبر 12 هين نمبر تي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 587 ڪرونا جا نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 31 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. ڪرونا وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 5 هزار 5 سئو 99 تي پهچي ويو آهي، متاثرن جو انگ 2 لک 65 هزار 83 تي پهچي ويو آهي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 13 هزار 7 مريض موجود آهن، جڏهن ته 19 سئو 93 حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ان کان علاوه پنجاب ۾ هيل تائين 89 هزار 793 مريض سامهون اچي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب اندر سڀ کان وڌيڪ 2 هزار 79 مريض دم ڏئي چڪا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 142، اسلام آباد ۾ 157، بلوچستان ۾ 132 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 47 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گلگت ۾ 41 مريض ڪرونا سان وڙهندي موت جي منهن ۾ هليا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔