سنڌ حڪومت لگزري گاڏين تي گهٽ خرچ ڪيو آهي: سنڌ حڪومت سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد : بلوچستان کانسواءِ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ حڪومت لگزري گاڏين تي گهٽ خرچ ڪيو آهي، سنڌ حڪومت سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي نيون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ بجيٽ رکڻ جو اعتراف ڪري ورتو، جواب ۾ سنڌ حڪومت چيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪراچي جي ترقياتي رٿائن لاءِ 45 ڏهائي 79 ارب رُپيا رکيا ويا آهن، شهر ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ نيڪال جي نظام لاءِ 12 سيڪڙو خرچ ڪيو ويندو، گجر نالي جي بهتري لاءِ هڪ ڪروڙ 10 لک رُپين جي منظوري ڏني وئي آهي، واسا حيدرآباد جي سينيٽري ورڪرز کي به پگهارون جاري ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔