سنڌ تي 12 سالن کان حڪمراني ڪندڙڪراچي مان ڪچرو به نٿا کڻائي سگهن،علي زيدي

ڪراچي :سنڌ ۾ جيڪي 12 سالن کان حڪمراني ڪري رهيا آهن، اُهي ڪراچي ۾ ڪچرو به نٿا کڻي سگهن، وفاقي وزير علي زيدي جي ڪراچي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي پ پ حڪومت مٿان ڇتي تنقيد، وفاقي وزير چيو آهي ته پ پ جا حڪمران اغوا، ڀتي، ڪرپشن ۽ قتل جي وارداتن ۾ ماهر آهن، وفاقي سرڪار ڪراچي جي شهرين کي ڏوهارين جي حڪومت جي رحم و ڪرم تي نٿي ڇڏي سگهي، اسان کي پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻو پوندو، وفاقي حڪومت جي ترجمان شهباز گِل سنڌ ۾ اٽي جي بحران تي پ پ حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر اٽو مهانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔