سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1170 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي : سنڌ م گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1170 نوان ڪيس ظاهر جڏهن ته وائرس وڌيڪ 30 حياتيون ڳڙڪائي ويو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي ساهه پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس کي وڌيڪ 14027 ماڻهن شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته وائرس سبب متاثر مريضن جو ڪل انگ هڪ لک 11 هزار 238 ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ وائرس سبب فوتين جو ڪل انگ 1952 ٿي چڪو آهي. ڪورونا سبب 419 مريضن جي حالت ڳڻنتي جوڳي جڏهن ته 69 مريض وينٽيليٽر تي آهن. وڏي وزير موجب ڪراچي مان 477 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، حیدرآباد مان 96، خیرپور 46، ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ مان 44-44 نوان ڪيس سامهون آيا. شهيد بينظير آباد مان 42، سکر ۽ گهوٽڪي مان 38-38 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔