دنيا ۾ ڪرونا وگهي فوتين جو انگ 6 لک جي ويجهو پهچي ويو

نيويارڪ : دنيا ۾ ڪرونا وائرس 5 لک 92 هزار 690 شهرين جون جانيون ڳڙڪائي ويو،عالمي رپورٽس مطابق ڪرونا سبب هڪ ڪروڙ 39 لک49 هزار 385 شهري متاثر ٿيا آهن،جڏهن ته 82 لک 78 هزار 974 متاثر صحتياب ٿي ويا.رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک 41 هزار 118،برازيل ۾ 76 هزار 822 ۽ ڀارت ۾ 25هزار 609 ٿي ويو.عالمي انگن اکرن مطابق روس ۾ 11 هزار 937،پيرو ۾ 12 هزار 615،ڏکڻ آفريقا ۾ 4 هزار 669 ۽ ميڪسيڪو ۾ 37 هزار 574 حياتيون وڃائي ويٺا آهن. لاطيني آمريڪا جي ملڪ چلي ۾ 7 هزار 290،اسپين ۾ 28 هزار 416،برطانيا ۾45 هزار 119 ۽ ايران ۾ 13 هزار 608 شهري فوت ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔