موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ اڄ گجگوڙ سان تيز برسات پوڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي: موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڄ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان تيز برسات پوڻ جا امڪان آهن

موسميات کاتي وڌيڪ چيو آهي ته برسات کان اڳ ۾ تيز طوفان ۽ هوائون به هلڻ جو امڪان نظر اچي رهيو آهي

موسميات کاتي موجب چوماسي جي برساتن جو هي سلسلو رڳو هڪ ڏينهن جي برسات جو سبب ٿي سگهي ٿو ، جنهن کانپوءِ اهو نظام ڪمزور ٿي اولهه پاسي ڏانهن وڃڻ جو امڪان آهي

چوماسي جي نئين سلسلي سبب گذريل ڏينهن شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي هئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔