بلاول ڀٽو زرداري جون لاڙڪاڻي ۾ مصروفيتون، مختلف ماڻهن سان تعزيتون پڻ ڪيون

لاڙڪاڻو: چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي پهچي شهر جي مراد واهڻ پاڙي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي جي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي ميمبر نورالدين ابڙو سان سندس گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي جتي هن مرحومه جي ايثال ثواب جي لاءِ فاتح خواني ڪندي مرحومه جي بلند درجات جي لاءِ دعا پڻ گهري. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪنهن پنهنجي جي جدائي وڏو سانحو هوندو آهي، خدا وارثن کي هن غم کي برداشت ڪرڻ جي صبر ڏئي. هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي شهر جي يونين ڪاميٽي 7 شاهو ٻوراهو پاڙي ۾ پهچي پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل يونين ڪاميٽي 7 جي چيئرمين خميسو خان بروهي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ ساجد علي بروهي، ڀائرن لياقت بروهي ۽ محراب بروهي سان تعزيت ڪندي مرحوم جي جنت ۾ بلند درجات جي لاءِ فاتح خواني ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم خميسو خان بروهي جي خدمتن کي ڪڏهن وساري نه ٿو سگهجي، مرحوم خميسو خان بروهي هميشه عوام جي خدمت کي ترجيح ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔