ملڪ ۾ ڪرونا جو زور گهٽجڻ لڳو، 24 ڪلاڪن دوران 59 مريض فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 49 شهري فوت ٿي ويا،جنهن بعد فوتين جو انگ 5 هزار 475 ٿي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ اندر 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 85نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.ملڪ ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 2 لک 59 هزار 999 ٿي ويو،جڏهن ته پنجاب ۾ 2 هزار 59 شهري جان جي بازي هارائي ويا.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سنڌ ۾ هڪ هزار 922 مريض فوت ٿي چڪا آهن ، جڏهن ته ڪي پي ۾ هڪ هزار 124 ۽ بلوچستان ۾ 128 متاثر فوت ٿي ويا. رپورٽس مطابق آزاد ڪشمير ۾ 46 ۽ گلگت ۾ 39 حياتيون ضايع ٿي ويو،اين سي او سي مطابق هڪ لک 83 هزار 737 مريض صحتياب ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔