خراب ٽرانسفارمر مٽائي ڏيو، سنڌ حڪومت جو وفاقي توانائي وزارت کي خط

ڪراچي : سنڌ جي توانائي واري کاتي صوبي ۾ بجلي جا ٽرانسفارمرز تبديل ڪرڻ لاءِ حيسڪو ۽ سيپڪو کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينطير آباد ڊويزنز ۾ ٽرانسفارمر خراب هجڻ سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، خراب ٿيل ٽرانسفارمرز جلد تبديل ڪري عوام کي آزار کان بچايو وڃي، امتياز شيخ توانائي واري وفاقي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاق جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ گهڻي دير هلي نه سگهندو.سنڌ جي توانائي واري وزارت سيپڪو ۽ حيسڪو کي خراب ٿيل ٽرانسفارمر ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي.توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ خط ۾ لکيو آهي ته سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينطير آباد ڊويزنز ۾ ٽرانسفارمر خراب هجڻ سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، خراب ٿيل ٽرانسفارمرز جلد تبديل ڪري عوام کي آزار کان بچايو وڃي.انياز شيخ توانائي بهران تي ضابطو نه آڻڻ تان توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوقب کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاق جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ گهڻي دير تائين هلي نه سگهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔