سينٿيا رچي غير قانوني ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ناهي،گهرو وزارت

اسلام آباد: آمريڪي شهري سينٿيا رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ بابت گهرو وزارت اسلام آباد هائڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب سينٿيا رچي غير قانوني ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ناهي، پرڏيهين جي ويزائن ۾ 31 آگسٽ تائين واڌ ڪئي وئي هئي، تنهنڪري سينٿيا رچي قانون موجب 31 آگسٽ تائين پاڪستان ۾ رهي سگهي ٿي. گهرو وزارت جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سينٿيا رچي ويزا ۾ واڌ جي الڳ سان درخواست به ڏني آهي، جنهن تي 31 آگسٽ بعد قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي امريڪي شهري سينٿيا رچي خلاف اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي تي بينڪنگ قانونن جي مبينه ڀڃڪڙي تي به درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست جمع ڪرائيندڙ پ پ اڳواڻ راجا عمار شوڪت جو چوڻ هو ته سينٿيا رچي وٽ پاڪستان ۾ بزنيس ويزا آهي جڏهن ته نجي بينڪ ۾ اڪائونٽ کولائڻ وقت هن پاڻ کي نوڪري پيشه ظاهر ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔