ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو عذاب گهٽ نه ٿيو

 قهرجهڙي گرمي ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي مڙني ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي .وفاقي وزير اسد عمر ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پاران لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺڻ ۽ آئنده اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ جي اعلانن ۽ دعوائن کانپوءِ به بجلي جي لوڊشيدنگ جو عذاب عوام تان ڍرو نه ٿي سگهيو آهي . بجلي پيدا ڪندڙ اداري نيپرا پاران ڪي اليڪٽرڪ خلاف جاچ جاري آهي جڏهن ته نيب به ڪالهه ڪي اليڪٽرڪ جي هٺ ڌرمي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي . ڪالهه وزيراعظم عمران خان به بجلي جا اگهه وڌائڻ، ڪي اليڪٽرڪ جي هٺ ڌرمي ۽ سڄي صوبي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اهم اجلاس ڪوٺايو ، جنهن ۾ وزيراعظم کي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي .  ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جي اجلاس دوران وزيراعظم وفاقي وزيرن کي اهم ٽاسڪ ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو معاملو بنا دير حل ڪيو وڃي.هن چيو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ڪرڙي نظر رکي وڃي، شهرين سان ناانصافي قبول ناهي، وفاقي حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ وسيلا فراهم ڪندي. وزيراعظم عمران خان هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مسئلن جي حل تائين نيشنل گرڊ مان ڪراچي کي بجلي فراهم ڪئي وڃي. ٻئي پاسي وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ نه لوڊشيڊنگ آهي ۽ نه ئي بجلي جي پيداوار ۾ کوٽ آهي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پنهنجي سسٽم تي گهربل سيڙپڪاري نه ڪئي آهي. وفاق پاران ڪراچي سميت سنڌ صوبي ۾ بجلي جي کوٽ ان جي پورائي لاءِ فوري طور تي ٿيل اجلاس ۽ بريفنگ کانپوءِ ڏنل  هدايتن تي  گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ بجلي ڏيندڙ ادارن کي عمل ڪندي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 12 کان 16 ڪلاڪن تائين ٿيندڙ لوڊشيڊنگ تي نظر وجهي ان کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ ترت اپاءَ وٺڻ گهرجن ته جيئن سنڌ صوبي جو عوام به ٻين صوبن وانگر قهر جي گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ ٿورو سک جو ساهه کڻي سگهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔