ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ آهي نه ئي بجلي جي پيداوار ۾ کوٽ آهي:وفاقي وزير عمر ايوب

اسلام آباد: وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ نه لوڊشيڊنگ آهي ۽ نه ئي بجلي جي پيداوار ۾ کوٽ آهي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پنهنجي سسٽم تي گهربل سيڙپڪاري نه ڪئي آهي، وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ ۾ ڳالهائندي چيو آهي ته ماضيءَ جي حڪومتن بجليءَ جي ورڇ واري نظام تي ڌيان نه ڏنو هو، ملڪ ۾ هن وقت 8 هزار 880 فيڊرز مان 20 سيڪڙو فيڊرز تي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته گذريل حڪومت جي ڀيٽ ۾ موجوده حڪومتي دور ۾ بجليءَ جو بريڪ ڊائون گهٽ ٿيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت بجليءَ جي نظام کي بهتر بڻائي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جي بُنياد تي عوام ڏانهن ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔