ڏکيا فيصلا ڪرڻ واريون قومون ئي ترقي ڪنديون آهن:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکيا فيصلا ڪرڻ واريون قومون ئي ترقي ڪنديون آهن ، چلاس ۾ ديامر ڀاشا ڊئم جي دوري کان پوءِ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته جڏهن قومون اڳتي جو سوچينديون آهن ته ترقي ڪنديون آهن جيڪي اڳتي وڌڻ کان لنوائينديون آهن اهي ترقي نه ڪري سگهنديون آهن

هن چيو ته ڏکيا فيصلا ڪرڻ واريون قومون ئي ترقي ڪري سگهنديون آهن ، چين جو مثال اسان جي سامهون آهي ، هن چيو ته بدقسمتي سان اسان ماضي ۾ ننڍي مدي وارا فيصلا ڪيا

هن چيو ته سندن حڪومت آئي ته ملڪ جو خسارو 20 ارب ڊالر هو ، غلط فيصلن سان ملڪ جي صنعتي ترقي کي نقصان پهتو

وزيراعظم عمران خان چيو ته ديا مر ڀاشا ڊئم پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊئم هوندو ، ، ان کان اڳ ۾ وزيراعظم عمران خان کي ديامر ڀاشا ڊئم جي حوالي سان بريفنگ به ڏني وئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔