سنڌ جي وڏي وزير ايس اوپيز تحت صوبي ۾ مال پڙيون لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير ايس اوپيز تحت صوبي ۾ مال پڙيون لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت اجلاس ٿيو، ڪورونا صورتحال ۽ ڪاروباري ماڻهن کي رليف ڏيڻ بابت غور ويچار ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاهه جو اجلاس ۾ چوڻ هو ته مال پڙين ۾ ٻارن جي وڃڻ تي پابندي هوندي، ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن، قرباني لاءِ مخصوص هنڌ هوندو، ڪورونا وائرس متاثر علائقن ۾ تيسٽ جي سهولت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سرڪار مفت ٽيسٽ ڪري رهي آهي،جن ۾ علامتون آهن، اهي ٽيسٽ ڪرائن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔