آصف زرداري طرفان فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت

اسلام آباد: ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ريفرنس ۾ آصف زرداري طرفان فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت ڪئي وئي آهي، آصف زرداري جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته آصف زرداري ڪورونا ۽ ٻين بيمارين سبب پيش نٿو ٿي سگهي، احتساب عدالت طرفان آصف زرداري مٿان وڊيو لنڪ ذريعي فردم جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آصف زرداري سوڌو 14 جوابدارن کي 4 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي، عدالت طرفان نيب کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔