سپريم ڪورٽ پاران ججز جي توهين ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارتي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ججز جي توهين ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار مرزا افتخار الدين آعا تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، اعليٰ عدليه جي ججز جي توهين ۽ جسٽس فائز عيسيٰ کي قتل جي ڌمڪين متعلق ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي، جوابدار آغا افتخار الدين کي جيل عملدارن پنهنجي تحويل ۾ سپريم ڪورٽ وٺي آيا، جڏهن ته ايف آءِ اي جا آفيسر به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، مرزا افتخار الدين آغا عدالت ۾ موقف اخيتار ڪيو ته آئون پنهنجي وڊيو بيان تي دل سان معذرت خواهه آهيان، آئون انتهائي شرمنده آهيان، قانون کانسواءِ بطور مسلمان به معافي گهران ٿو، هن جو چوڻ هو ته الله جي عدالت ۾ مون کي اُتي به جواب ڏيڻو آهي، مون کي وڊيو اپ لوڊنگ ايڊيٽنگ جي خبر ڪونهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي معافي وارو ڪيس ڪونهي، اوهان عدالت سان مذاق نٿا ڪري سگهو، ايئن ته پاڪستان جو سمورو نظام فيل ٿي ويندو، جسٽس اعجاز الا حسن جو چوڻ هو ته اوهان مسجد جي منبر تي ويهي اها زبان استعمال ڪري رهيا هئا جيڪا ڪو جاهل شخص به استعمال نه ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ مرزا افتخار الدين جي طرفان داخل ڪرايل تحريري جواب تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ان تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔