قومي احتساب بيورو پاران نوازشريف، شهباز شريف ،سرتاج عزيز ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد : نيب نواز شريف خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، نيب پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونبلٽي نيب، ڊي جي آپريشن نيب ۽ ٻين سينيئر آفيرن شرڪت ڪئي، قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪٽوبورڊ جي اجلاس ۾ ارشد وهيد، سي اي او ميسرز اي آر پي ايل ۽ ٻين جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جوابدارن مٿان مبينا طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي، قومي احتساب بيورو طرفان ميان محمد نواز شريف ۽ ٻين خلاف انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني وئي، نيب جي اجلاس ۾ شهباز شريف، سرتاج عزيز، رانا محمد اقبال خان، مهر حامد رشيد، مهر عبدالرئوف، عتيق الرحمان، شيخ اعجاز خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي، قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس ۾ محمد شهباز شريف، جاويد محمود، احمد خان چيمه، ايف آءِ اي ڊي ايم سي فيصل آباد جي انتظاميه، آفيسرز، اهلڪارن ۽ بين خلاف جاچ هن وقت تائين ثبوت نه ملڻ تي بند ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي نيب چيئرمين جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي ۽ ڪرپشن فري پاڪستان جي لاءِ نيب سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي، ميگا ڪرپشن جا ڪيس اڪلائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، بدعنوان عنصرن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، قوم جو لٽيل پئسو واپس آندوويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔