پاڪستان ۾ ڪورونا جي حوالي سان صورتحال بهتري طرف وڃي رهي آهي: سربراه اين ڊي ايم اي

اسلام آباد: چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي حوالي سان صورتحال بهتري طرف وڃي رهي آهي.

چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل  گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جو چوڻ هو ته اسمارٽ لاڪ ڊائون جا سٺا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن.

هن چيو ته  پاڪستان ۾ ڪورونا جي حوالي سان صورتحال بهتري طرف وڃي رهي آهي پر اسان کي عيد تي به ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ حفاظتي  قدمن کي يقيني بنائڻو پوندو. پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ڪورونا جي خلاف اين ڊي ايم اي جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

هن چيو ته ڊاڪٽرن سميت 13 لک ماڻهن ۾ ميڊيڪل ڪٽس ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ورهايا ويا آهن جڏهن ته 13 لک کان وڌيڪ غريب خاندانن کي راشن فراهم ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔