گيم جي شوق نينگر کي معذور بڻائي ڇڏيو

چين ۾ نينگر جي ٻانهن ان ڪري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ گيم کيڏندو هو.
اڄڪلهه جي دور ۾ نوجوان نسل سڀ کان وڌيڪ سوشل ميڊيا ۽ آن لائن گيمز جي عادت ۾ مبتلا آهي ۽ اها عادت ايتري تائين خطرناڪ آهي، جو صحت کي نقصان سان گڏوگڏ زندگي به وڃي سگهي ٿي.
تازو چين سان واسطو رکندڙ گيمن جي عادي 15 ورهين جي نينگر سان به هڪ حادثو پيش آيو آهي، جيڪو هڪ مهيني کان روز 22 ڪلاڪ گيم کيڏندو هو، جنهن سبب سندس سڄي ٻانهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
گيم جي شوق سبب پاڻ کي تڪليف ۾ وجهندڙ نينگر هن وقت هڪ مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جنهن جي والدين جو چوڻ آهي ته سندن پٽ روز 22 ڪلاڪ ڪمپيوٽر کي استعمال ڪري گذاريندو هو.
والدين موجب پٽ جي ان عادت سبب زندگي تمام گهڻي متاثر ٿي آهي، هو نه وقت تي سمهندو آهي ۽ نه کائيندو پيئندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔