عمر اڪمل طرفان سزا خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ

لاهور: فڪسنگ ڪيس ۾ ڪرڪيٽر عمر اڪمل طرفان سزا ۾ گهٽتائي لاءِ اپيل تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.
ڪرڪيٽر عمر اڪمل فڪسنگ ڪيس ۾ سزا گهٽائڻ لاءِ اپيل ڪئي هئي، لاهور ۾ موجود نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ خود مختيار ايڊجيوڊيڪٽر جسٽس رٽائرڊ فقير محمد کوکر اپيل تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو.
جسٽس رٽائرڊ فقير محمد کوکر طرفان فيصلو ٻڌائڻ تائين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان معاملي تي تبصرو نه ڪندو.
هوڏانهن عمر اڪمل جي وڪيل جو صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته عمر اڪمل تي 3 سال پابندي گهڻي آهي ۽ ان جو ڏوهه ايڏو وڏو ناهي، جيڏي کيس سزا ڏني وئي، يقين آهي ته فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت عمر اڪمل کي ٻن مختلف وقتن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي 3 سال پابندي جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي عمر اڪمل چئلينج ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔