عاصم اظهر سان صرف دوستي جو رشتو آهي: هانيه عامر

لاهور : اداڪارا هانيا عامر ڳائڻي عاصم اظهر سان لاڳاپن تي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته اسان رڳو دوست آهيون.
شوبز انڊسٽريءَ ۾ اهڙا ڪيترائي چهرا آهن، جيڪي جوڙيءَ طور نظر ايندا آهن ۽ عاصم اظهر ۽ هانيا عامر جي جوڙي به انهن مان هڪ آهي، ڪو فيشن شو هجي يا وري ڪنهن گاني جي ويڊيو، اها جوڙي سدائين گڏ نظر ايندي آهي، ايتري تائين جو عاصم اظهر جي رليز ٿيندڙ تازي گيت ”تم تم“ ۾ به هانيا عامر مختصر سين ۾ نظر آئي.
هر هنڌ گڏ نظر ايندڙ ان جوڙي بابت مداحن طرفان مختلف ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته ان حوالي سان هانيا ۽ عاصم طرفان کليل نموني ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي وئي پر هاڻ هانيا عاصم کي رڳو هڪ دوست قرار ڏنو آهي.
ڳائڻي آئمه بيگ سان لائيو سيشن دوران هانيا عامر عاصم اظهر سان لاڳاپن جي ترديد ڪندي چيو ته هاڻ اسان گڏ ناهيون، اسان هڪٻئي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن، اسان هاڻ رڳو دوست آهيون.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن لاڳاپن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته دوستي کانسواءِ اسان وچ ۾ ڪو رشتو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔