هالي ووڊ اداڪاره ڪيلي پرسٽن ڪينسر جي موذي مرض سان جهيڙيندي فوت

لاس اينجلس: هالي ووڊ جي اداڪاره ڪيلي پرسٽن 57 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اداڪار جان ٽرووولٽا جي گهر واري اداڪاره ڪيلي پرسٽن 2 سالن کان ڪينسر ۾ مبتلا هئي. اداڪاره جي مڙس جان ٽرووولٽا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي زال جي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن لکيو ته منهنجي خوبصورت زال ڪيلي ڇاتي جي موذي مرض ڪينسر جي خلاف 2 سالن کان جاري جنگ هارائي ويٺي.جان ٽرووولٽا لکيو آهي ته ڪيلي پرستن ماڻهن جي محبت ۽ مدد سان هي جنگ وڙهي. جان ٽرووولٽا پنهنجي پوسٽ ۾ سمورن ڊاڪٽرن جو ٿورو ادا ڪيو جنهن سندس زال جي سار سنڀال لڌي ۽ ان سان گڏ ئي هن پنهنجي دوستن ۽ پيارن جو به ٿورو ادا ڪيو جيڪي هن مشڪل وقت ۾ ساڻس گڏ هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔