هلندڙ صورتحال ۾ ڪورونا وائرس جو خاتمو ممڪن نه پيو لڳي: ڊبليو ايڇ او

جنيوا: صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه ٽيڊروس ايڊبانوم چيو آهي ته هلندڙ صورتحال ۾ ممڪن ناهي ته ڪورنا وائرس جو خاتمو ٿي سگهي.

ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ڪورونا وائرس جي خلاف اڻپورن قدمن تي ڳالهائيندي چيو ته مستقبل ۾ ڪورونا وائرس جي خطري کان بچڻ جي لاءِ سمورن ملڪن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ لاڪ ڊائون کان پوءِ ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي لازمي عمل ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته اسان ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ تيار رهڻ جي ضرورت آهي. هي سمجهڻ سڀني کان وڏي غلطي آهي ته ڪورونا ڪجهه به ناهي ۽ ائين ٿيڻ عالمي قومي سطح تي اڳواڻي جي کوٽ آهي. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه چيو ته اهو هڪ الميو آهي جيڪو اسان کي تمام گهڻين حياتين کي ضايع ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي ۽ مختلف حصن ۾ ورهائجي اسان هن وائرس کي ڪنهن به صورت ۾ شڪست نٿا ڏئي سگهون.

هن چيو ته انسانن جو گڏيل دشمن جي خلاف گڏ نه ٿيڻ ڏکوئيندڙ عمل آهي هي هڪ اهڙو دشمن آهي جيڪو انسانن کي قتل ڪري رهيو آهي. ڇا اسان کي اها خبر ناهي ته اسان جي مختلف حصن ۾ ورهائجڻ هن وائرس جي لاءِ ڪيترو فائديمند آهي.؟ عالمي طاقتون يڪجهتي جو مظاهرو ڪن ڇو ته هن وقت هي انهن جو امتحان آهي. هوڏانهن ڊبليو ايڇ او جي نئين جاچ ٽيم چين رواني ٿي وئي آهي جيڪا ڪورونا وائرس جي شروعات جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ مختلف لائحه عمل جوڙينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔