صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي جي فلور تي غلط بياني ڪئي:فهميده مرزا

ڪراچي : صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي جي فلور تي غلط بياني ڪئي آهي ته مون گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڦيرڦار ڪيل رپورٽ پيش ڪئي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا طرفان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي احتجاج، خط ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته 5 جون 2020 ع تي سعيد غني طرفان ڏنل بيان بي بُنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد هڪ آئيني فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ساک کي ڇيهو رسائڻ آهي، صوبائي وزير سعيد غني غلط بياني ڪري اسيمبلي جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسپيڪر جي ذميواري آهي ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جو عمل ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔