ايٿوپيا به پاڪستاني پائلٽس کي جهاز اڏائڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: ايٿوپيا جي طرفان پاڪستان جي سول ايوي ايشن اٿارٽي کي خط لکيو ويو، جنهن جي ذريعي پاڪستاني پائليٽس کي جهاز اڏائڻ کان روڪڻ متعلق آگاهه ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايٿوپيا جي حڪومت پاڪستاني پائليٽس کي لائسنس جي تصديق ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ايٿوپيا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پائليٽس جي لائسنس جي تصديق ڪئي وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته پي آءِ اي جي ڪيترن پائليٽس جا لائسنس جعلي آهن، ان کان اڳ گذريل ڏينهن پاڪستاني پائليٽس جي جعلي لائنس جي معاملي تي امريڪا به پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي لڳائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔