مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، هڪ هفتي ۾ کنڊ في ڪلو 2 رپيا 14 پئسا مهانگي

ڪراچي :حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي ۽ هڪ هفتي جي دوران کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا 14 پئسا واڌ ڏسڻ ۾ آئي، شماريات واري اداري مهانگائي تي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب 18 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ سان گڏ مهانگائي جي شرح ۾ 0.89 سيڪڙو اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ جي قيمت ۾ 2 رپيا 14 پئسا في ڪلو اضافي کانپوءِ کنڊ جي قيمت 80.82 رپين مان وڌي 82.96 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٽماٽر في ڪلو 29 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ان جي قيمت 96.50 پئسا في ڪلو ٿي وئي آهي. بصر 4 رپيا في ڪلو، 200 گرام ڳاڙها مرچ 16 رپيا، انڊا في درجن ساڍا 4 رپيا مهانگا ٿي ويا، ان کان علاوه گوشت، وڏو گوشت، ننڍو گوشت، تازو کير، چانور، ڳڙ، چڻن جي دال جي قيمتن ۾ به اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، هڪ هفتي جي دوران ڪيلي جو في درجن 5 رپيا، اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلو 6 رپيا، ايل پي جي جو سلينڊر به 6 رپيا سستو ٿيو، جڏهن ته دال ماش، ٿوم، گيهه جي قيمتن ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔