ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ 2ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: نام نهاد سرچ آپريشن ۾ قابض ڀارتي فوج جي جارحيت ۾ وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي ڪپواڙا ۾ ڀارتي فوج اچڻ وڃڻ وارن رستن کي بند ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو. ان دوران مريضن جي لاءِ ايمبولينس کي به داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. جارحيت پسند ڀارتي فوج گهر گهر تلاشي جي دوران چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پامال ڪيو.

ٻارن ۽ بزرگن کي هراسان ڪيو ويو ۽ نوجوانن کي غيرقانوني طور تي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا. جن مان 2  نوجوانن جون تشدد ٿيل لاشون مليون.

ڀارت نواز ڪٺ پتلي انتظاميه قابض ڀارتي فوج جي هٿان عدالت کان مٿانهين قتل جو مقابلو ظاهر ڪندي شهيد ٿيندڙ نوجوانن کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر شهيدن جي وارثن ۽ پاڙي وارن ڪوڙ بي نقاب  ڪندي ڀارتي جارحيت جي خلاف سخت احتجاج ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔