وينٽي ليٽر تي ڪورونا مريضن جي انگ ۾ 28 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ وينٽي ليٽر ۽ آڪسيجن تي ڀاڙِيندڙ ڪورونا مريضن جو انگ گهٽ ٿي رهيو آهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ اسد عمر چيو آهي ته 20 جون تي سڄي پاڪستان ۾ ڪورونا جا 2969 مريض آڪسيجن تي ۽ 546 وينٽي ليٽر تي هئا. هاڻ آڪسيجن تي 1762 ۽ وينٽي ليٽر تي 394 آهن. اهڙي طرح ڳڻتي جوڳي حالت وارن مريضن جي انگ ۾ 28 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.

اسمارٽ لاڪ ڊائون، ايس او پيز تي عمل جي لاءِ انتظامي ڪارروايون ۽ سڀني کان اهم عوام جي بهتر طرز عمل جي ڪاميابي ظاهر آهي.

وفاقي وزير چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته ڪورونا جي وبا جي پکيڙ روڪڻ اسان سڀني جي اجتماعي اختيار ۾ آهي. حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪنداسين ته صحت جي حفاظت به ٿيندي ۽ روزگار به هلندو رهندو.

ٻئي صورت ۾ آمريڪا، برازيل ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي الله نه ڪري اسان سان به ائين ٿي سگهي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔