ڪراچي ۾ کير جي اگهه ۾ 10 رپيا واڌ، ڪمشنر نوٽيس ورتو

ڪراچي : ڪراچي ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جو انتظاميا ڪو به نوٽيس ناهي ورتو،جنهن سبب سبزي فروش۽ کير جا دڪاندار شهرين کي ٻڻهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، جڏهن ته ڊيري فارم مالڪن کير جي اگهن ۾ پاڻمرادو 10 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي،جنهن کانپوءِ شهر ۾ کير 94 رپين بدران في ڪلو 120 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. ڪراچي جا شهري لوڊشيڊنگ جي آزار سان گڏوگڏ هاڻي وري عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ کي به منهن ڏئي رهيا آهن. شهر ۾ سبزين جا اگهه ايترا ته چوٽ چڙهي ويا آهن جو غريب ماڻهو هاڻي پٽاٽا کائڻ جي سگهه به ساري نه ٿو سگهي. ڪراچي ۾ ٽماٽن جا اگهه هڪ ڀيرو ٻيهر آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، ٽماٽا في ڪلو هڪ 100 رپيا، ڀينڊيون ڏيڍ سئو کان 200 رپيا، پٽا ٽا 60 کان 80 رپيا في ڪلو، وڪرو ٿي رهيا آهن. هوڏانهن وري ڊيري فارمرز کير جي في ڪلو اگهه ۾ پاڻمرادو 10 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته کير جو في ڪلو سرڪاري اگهه 94 رپيا آهي. ڪراچي ۾ عام عواهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جو انتطاميا نوٽيس ناهي ورتو جنهن سبب کير جا دڪاندار توڙي سبزي فروش شهرين کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔