ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گيس ملڻ باوجود ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري

ڪراچي: صنعتن کي 3 ڏينهن ۽ سي اين جي سيڪٽر جي لاءِ 2 ڏينهن گيس جي بندش جي باوجود به شهر ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ نه ٿي سگهي.

ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان رات ڏينهن جو فرق ڪرڻ کان سواءِ بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.  ڪي اليڪٽرڪ ڳرا بل موڪلڻ باوجود ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ  ڪري هٺ ڌرمي جي نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن نيپرا وڊيو لنڪ تي عوامي ٻڌڻي ۾ ڪراچي جي شهرين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ چيو ته  نه ڏينهن جو سڪون آهي ۽ نه وري رات جو. ڳرا بل ورتا پيا وڃن پر ان باوجود به بجلي نٿي ڏني وڃي.

ان حوالي سان نيپرا چيئرمين چيو ته اسان جي ٽيم ڪراچي جو دورو به ڪندي. عوامي ٻڌڻي مان حاصل ٿيندڙ حقيقتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصلو جاري ڪيو ويندو.

ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر مونس علوي لوڊشيڊنگ  جي ذميواري پي ايس او تي وجهندي چيو ته پاور پلانٽ جي لاءِ تيل نه ڏنو ويو. 

ان حوالي سان بجلي ۽ پاڻي واري وزير عمر ايوب جي بيان جي ابتڙ مونس علوي چيو ته نيشنل مان واڌو بجلي جي لاءِ اسان جي درخواست تي غور نه پيو ڪيو وڃي.

عمر ايوب قومي اسيمبلي کي ٻڌايو  هو ته ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو بجلي جي آڇ ڪئي پر ان جو سسٽم واڌو بجلي جو بار برداشت ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم آهي. هوڏانهن جماعت اسلامي طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف اڄ کان ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن به جماعت اسلامي طرفان شهر جي 100 هنڌن  تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ پي ايس پي طرفان به مظاهرا ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔