ڪراچي:عائشه منزل پل تي 2 ڀائر ٽرالر جي هيٺيان اچي فوت

ڪراچي: عائشه منزل پل تي  روڊ حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار 2 ڀائر فوت ٿي ويا.

حادثي جي اکين ڏٺي شاهد فيروز خان ٻڌايو ته مان ٽرڪ ڊرائيور آهيان منهنجي گاڏي پويان هئي مون ڏٺو ته موٽر سائيڪل سوار 2 ڀائر پهريان پاڻي جي ڪين سان  ڀريل ٽرالر جي ٽائرن سان ٽڪرايا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان ٽرالر جي هيٺيان اچي فوت ٿي ويو. جڏهن ته پويان ويٺل ٻيو نوجوان پاسي ۾ گذرندڙ پاڻي جي ٽينڪر جي هيٺيان اچي فوت ٿي ويو.

حادثي کان پوءِ موٽر سائيڪل سوار هڪ نوجوان آيو ۽ ٻنهي  فوت ٿي ويلن ڀائرن کي آواز ڏئي سڏ ڪيو ان کان پوءِ هو اتان کان واپس هليو ويو.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار نوجوان تيز رفتاري سان موٽر سائيڪل هلائي رهيا هئا. حادٿي کان پوءِ ٽرالر ۽ ٽينڪر ڊرائيور فرار ٿي ويا.

پوليس موجب فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 18 ساله  فواد ۽ 21 ساله وهاب جي نالي سان ٿي آهي جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔