وفاقي وزير علي زيدي پاران عذير بلوچ جي ساٿي حبيب جان جي ويڊيو جاري

اسلام آباد : وفاقي وزير علي زيدي ، عذير بلوچ جي ساٿي حبيب جان جي ويڊيو جاري ڪري ڇڏي. حبيب جان بلوچ ويڊيو ۾ دعوا ڪئي آهي ته 2012 جي آپريشن کانپوءِ پ پ عذير بلوچ سان رابطو ڪيو ۽ کيس 5 ڪروڙ رپيا ڏنا هئا. حبيب جان دعوا ڪئي ته لياري آپريشن کانپوءِ عذير بلوچ ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. حبيب جان چيو ته سندس آفيس تي حملو ڪيو ويو ،جنهن سندس ڀاءَ مارجي ويو هو. هن چيو ته عذير بلوچ وٽ اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه،فريال ٽالپر ۽ شرميلا فاروقي ويا. حبيب جان چيو ته عذير بلوچ جو گروپ پوري سنڌ ۾ آءِ جي سنڌ تائين بدلي ڪرائيندو هو،آصف زرداري جي خواهش هئي ته ان جو ويڳو ڀاءُ اويس مظفر لياري مان چونڊ وڙهي ۽ هن جي ڪري ئي جهيڙو شروع ٿيو. هن چيو ته حڪومت خطري پئي ته عذير بلوچ جا پيپلز پارٽي سان لاڳاپا ختم ٿي ويا. وفاقي وزير علي زيدي جو چوڻ آهي ته حبيب جان جي ويڊيو سان آصف زرداري ۽ قادر پٽيل وائکا ٿي ويا آهن. علي زيدي جو چوڻ آهي ته ڏوهه ۽ سياست گڏوگڏ هلي نٿا سگهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔