دنيا ۾ ڪرونا تي ڪنٽرول نه ٿيو، فوتين جو انگ 5 لک 62 هزار کان وڌي ويو

نيويارڪ : دنيا ۾ ڪرونا تي ڪنٽرول نه ٿيو،فوتين جو انگ وڌي 5 لک 62 هزار 823 ٿي ويو،جڏهن ته متاثرن جو انگ وڌي هڪ ڪروڙ 26 لک 26 هزار 174 ٿي ويو ۽ 73 لک 61 هزار 760 شهري صحتياب ٿي ويا آهن. عالمي رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک 36 هزار 671،برازيل ۾ 70 هزار 524 ۽ ڀارت ۾ 22 هزار 144تائين پهچي ويو. روس ۾ 11 هزار 17،پيرو ۾ 11 هزار 500،چلي ۾ 6 هزار 781 ۽ اسپين ۾ 28 هزار 403 متاثر فوت ٿي چڪا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ميڪسيڪو ۾ ڪرونا 34 هزار 191،برطانيا ۾ 44 هزار 650،ايران ۾ 12 هزار 447 ۽ اٽلي ۾ 34 هزار 938 ڳڙڪائي ويو. رپورٽس مطابق ترڪي ۾ ڪرونا وگهي 5 هزار 323،جرمني ۾ 9 هزار 130 ۽ فرانس ۾ 30 هزارشهري فوت ٿي ويا….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔