ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 65 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ اندر ڪرونا وائرس وڌيڪ 65 جانيون ڳڙڪائي ويو،جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 123 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا وائرس سبب سنڌ ۾ هڪ هزار 713 ۽ پنجاب ۾ هڪ هزار 985 شهرين جون حياتيون ضايع ٿي ويون. رپورٽس مطابق ڪي پي ۾ هڪ هزار 74،اسلام آباد ۾ 147،بلوچستان ۾ 126،گلگت ۾ 36 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 42 شهري جانيون وڃائي ويٺا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا جا وڌيڪ2 هزار 752 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد متاثرن جو تعداد 2 لک 46 هزار 351 ٿي ويو. جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌ ۾ هڪ لک 2هزار 368،پنجاب ۾ 85 هزار 991 ۽ ڪي پي ۾ 29 هزار 775 متاثر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق اسلام آباد ۾ 13 هزار 927،گلگت ۾ هڪ هزار 630،بلوچستان ۾ 11هزار 128 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 532 شهري ڪرونا کان متاثر ٿيا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔