سنڌ حڪومت عذير بلوچ، نثار مورائي ۽ بلديه فيڪٽري سانحي بابت جي آءِ ٽي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت عذير بلوچ، نثار مورائي ۽ بلديه فيڪٽري سانحي جي گڏيل تحقيقاتي ٽيم (جي آءِ ٽي) جي رپورٽس جاري ڪري ڇڏي.

سنڌ حڪومت جي طرفان ٽنهي جي آءِ ٽي جي رپورٽس گهرو کاتي سنڌ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب رپورٽس ۾ لياري گينگ وار جي اهم ڪردار عذير بلوچ کي ڪنهن جي سياسي سرپرستي حاصل هئي ۽ بلديه فيڪٽري سانحي جي جوابدارن ڪنهن جي چوڻ تي باهه لڳائي، جهڙا اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن.

ٻئي طرف وفاقي وزير علي زيدي جو چوڻ هو ته هو جي آءِ ٽي رپورٽس جو انتظار ڪري رهيو آهي، ڇو ته سنڌ جي گهرو کاتي جي ويب سائيٽ جو لنڪ ڊائون ٿي ويو آهي.

ان حوالي سان وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت بلديه سانحي جي رپورٽ پبلڪ ڪئي ۽ ويب سائيٽ جو سرور ڊائون ٿي ويو.

شهباز گل جو چوڻ هو ته اها طاقت ۽ حوصلو صرف عمران خان ۾ آهي ته هر انڪوائري جي رپورٽ کي بنا ڪنهن دير جي پبلڪ ڪيو ويندو آهي ۽ قانون مطابق ايڪشن ٿيندو آهي پر ڪڏهن سرور ڊائون نه ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔