قازقستان ۾ ان لاڪ کانپوءِ ماڻهن پاران لاپرواهي، ٻيهر لاڪ ڊائون

ڪراچي : وچ ايشيائي ملڪ قازقستان ۾ مئي جي وچ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي رفتار ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ پابنديون هٽايون ويون هيون پر هاڻي هي دنيا جو پهريون ملڪ بڻجڻ وارو آهي جتي ڪووڊ 19 جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سموري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن قازقستان ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ مئي جي وچ ۾ مارچ کان لاڳو لاڪ ڊائون ان وقت ختم ڪيو ويو هو جڏهن ائين نظر آيو هو ته هتي ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ گهٽتائي اچي چڪي آهي پر لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ کانپوءِ هتي سماجي وٿي جي پابندين جو خيال نه رکيو ويو 7 ان جي نتيجي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ ٿي ۽ اهو انگ 44 هزار تائين پهتو آهي. هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر هتي لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي جنهن دوران سفري پابنديون لڳايون ويون آهن، پبلڪ ٽرانسپورٽ جو وقت گهٽ، غير ضروري ڪاروبار جي بندش جڏهن ته ٻن شهرن کي مڪمل بند ڪيو ويو آهي. قازقستان جي راڄڌاني نور سلطان جي وبائي مرضن جي چيف ڊاڪٽر سولي اتاگيو مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ڪم ڪندي 28 سال ٿي ويا آهن، پر ههڙي صورتحال مان ڪڏهن ناهي ڏٺي، ڪيترائي ماڻهو مري رهيا آهن ڇو ته اڪثر ماڻهن کي ڪا پرواهه ناهي، هو گهٽين ۾ نڪري رهيا آهن، تقريبن ۾ وڇي رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي بيمار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مارچ ۾ روزانو ڪيسن جو انگ گهٽ هو پر هاڻي روز سوين ڪيس سامهون اچي رهيا آهن ڊاڪٽرن جي طاقت ختم ٿي چڪي آهي جڏهن ته ماڻهن وٽ پيسا ختم ٿي چڪا آهن. حڪومتي انگن اکرن موجب هتي ڪووڊ 19 سبب فوتگين جو انگ رڳو 2 سئو آهي پر ائين سمجهيو پيو وڃي ته حقيقي انگ ان کان وڌيڪ هوندو پر پوءِ به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هتي به وڌيڪ ماڻهو مرض جو شڪار نه ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔