سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 46 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 46 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ 15 سئو 72 ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 1708 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جا 1708 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، متاثرن جو انگ 96 هزار 236 انگ ٿي ويو آهي، وڌيڪ 679 مريض صحتياب ٿي ويا آهن، صوبي ۾ صحتياب ٿيلن جو انگ 53 هزار 855 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔