ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان اسپتالون جلد ويران ٿي وينديون: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ سبب اسپتالون جلد ويران ٿي وينديون.

اطلاعات واري وزير شبلي فراز هيلٿ ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ پولي ڪلينگ جو دورو ڪيو ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي گلدستا پيش ڪيا.

تقريب کي خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو ته عمران خان ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ اسمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تي ڪم ڪيو. جنهن سبب ڪورونا جي ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي. عمران خان جي اسمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي تي سڄي دنيا عمل ڪيو.

اسان کي گڏ ٿي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي جڏهن ته بي يقيني، افواهون پکيڙڻ ۽ اهڙا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو جنهن سان قومي يڪجهتي ۾ ڏار پون.

شبلي فراز چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻ تي عوام جا ٿورائتا آهيون. ان سان ڪورونا تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي ويندو. اسان وٽ ڪورونا اڃان تائين ختم ناهي ٿيو پر خطرو اڃان به موجود آهي. هن چيو ته حڪومت ڪورونا وبا جي دوران احساس پروگرام جي ذريعي مستحق ماڻهن تائين امداد پهچائي، هڪ سئو پنجاهه ارب روپيه ميرٽ تي هڪ ڪروڙ خاندان ۾ ورهايا ويا. 

اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ناهي ڪئي پر سنجيده قدم کنيا ۽ وبا کي ڪنيٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. حڪومتي ڪوششن سبب ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌايو ويو. جيڪڏهن اسان محتاط انداز ۾ ايس او پيز تي عمل ڪندا رهياسين ته اسپتال جلد ويران ٿي ويندا ۽ راندين جا ميدان آباد ٿي ويندا.

شبلي فراز وڌيڪ چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ  آپريشن سينٽر جي قيام کي 100 ڏينهن مڪمل ٿي ويا. اين سي او سي وبا کي جهڙي طرح موثر انداز ۾ ڪنٽرول ڪيو اهو قابل تحسين آهي. هن وبا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔