هيڊ ڪوچ مصباح الحق رانديگرن جي فٽنيس مان مطمئن

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ڊگهي عرصي کان پوءِ رانديگر ٽريننگ ڪري رهيا آهن،ان جي باوجود کين مسئلن کي منهن ڏيڻو نه پيو پر رانديگرفٽ نظر اچي رهيا آهن

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم هاڻوڪي ڏينهن ۾ ووسٽر جي بائيو سيڪوئر ماحول ۾ انگلينڊ جي خلاف سيريز کيڏڻ لاءِ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي

مصباح الحق موجب ڪووڊ 19 جي ڪري سڀئي رانديگر ڊگهي عرصي لاءِ هڪ ٻئي کان پري رهيا آهن، ۽ هاڻي سڀئي گڏجي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔