ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ صبح سوير کان برسات جو سلسلو شروع، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل

ڪراچي: ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير کان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. جنهن سبب رهواسي ۽ ڪاروباري ماڻهو سخت  مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڪراچي جي علائقي شاهراهه فيصل، شاهه فيصل ڪالوني، ايئرپورٽ، ماڊل ڪالوني جي چوڌاري وارن علائقن ۾ برسات پئي انهي کان علاوه آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڊفينس، گلستان جوهر، ناظم آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به ڪڪر وسيا آهن جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي.

حيدرآباد ۾ به  ٽاور مارڪيٽ، قاسم، آباد نسيم ننگر، لطيف آباد، ڦليلي،  حيدر چوڪ، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي آهي.

انهي حوالي سان موسمياتي تجزيه ڪار جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته اڱاري ۽ اربع تي ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان رهندو. هن وڌيڪ  ٻڌايو ته 23 آگسٽ تائين جاري رهندڙ سسٽم جي دوران سموري شهر ۾ 2 کان 3 اسپيل اچي سگهن ٿا. اسپيل جي دوران شهر جي مختلف هنڌن تي 40 کان 50 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي ڪجهه هنڌن تي 70 کان 80 ۽ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي 100 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔