خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ پوليو جا 2 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد: نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) خيبر پختونخواهه جي ضلعي لوئر ڪوهستان ۽ سنڌ جي ضلعي بدين مان پوليو جي ٻن نون ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي.صحت کاتي لوئر ڪوهستان جي علائقي پٽن ۾ هڪ 6 سالن جي ڇوڪري ۾ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي، جنهن کان پوءِ هن سال خيبر پختونخواهه ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 13 ٿي ويو آهي.صحت کاتي موجب بنون ۽ لڪي مروت مان 3 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته ٽانڪ ۽ اتر وزيرستان مان 2-2، ان کان علاوه، ڊي آءِ خان، تورغر ۽ لوئر ڪوهستان مان پوليو جو هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.ٻئي طرف، سنڌ جي بدين ضلعي مان هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ هن سال پاڪستان ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 21 ٿي ويو آهي.اين اي او سي موجب، پوليو هڪ لاعلاج بيماري آهي، ان جي روڪٿام صرف ويڪسينيشن ذريعي ممڪن آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ هڪ خاص مهم 1 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ شروع ٿيندي.اين اي او سي جو چوڻ آهي ته والدين پنهنجن ٻارن کي ويڪسينيشن ڪرائي انهن کي عمر بھر جي معذوري کان بچائي سگهن ٿا. پوليو ويڪسين سان گڏ، انهن کي وقت تي حفاظتي اميڪوائيزيشن ڪورس پڻ مڪمل ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔