ڪورونا ۽ مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ بري خبر، پيٽرول وري مهانگو

اسلام آباد: ڪورونا وائرس جي ڪري معاشي مسئلن ۾ پيڙهيل عوام جي لاءِ بُري خبر آهي ته حڪومت پيٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب پيٽروليم واري شين جي اگهن ۾ 25 رپيا 58 پيسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 21 رپيا 31 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي ،پيٽرول واري شين جي اگهن ۾ واڌ فوري طور نافذ العمل هوندي اڄ رات کان اضافي اگهه ورتا ويندا، پيٽروليم واري وزارت پاران اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔