30 جون تائين ڪورونا جا ڪيس 3 لک بدران سوا 2 لک ٿيندا: اسد عمر

اسلام آباد: منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته 30 جون تائين ڪورونا وائرس جا ڪيس 3 لک بدران سوا 2 لک ٿيندا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ماهرن اندازو هنيو هو ته جيڪڏهن حفاظتي تدبيرن تي عمل نه ڪيو ويو ته 30 جون تائين ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 3 لک ڪيس ٿي پئي سگهيا.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته اڄ صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته ڪيسن جو انگ 30 جون تائين سوا 2 لک يا ان کان به گهٽ هوندو جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته جيڪڏهن سب ماڻهو صحيح ڪم ڪن ۽ پنهنجي انفرادي ذميواري پوري ڪري ۽ حڪومت پنهنجي گڏيل ذميواري ادا ڪري ته وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي ملي سگهي ٿي.اسد عمر چيو ته 30 مئي تي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کان جاري هدايتن ۾ ماسڪ پائڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو هو.هن چيو ته ايجنسيز جي ذريعي به ڪورونا وائرس بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ اِهو نظر پيو اچي ته ڪيترائي ماڻهو حفاظتي قدمن تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ سمورن صوبن ۾ باقاعده انتظامي ڪارروائي به ڪئي وئي آهي. اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ مئي جي وچ کان اسمارٽ لاڪ ڊائون شروع ٿي ويو هو، 4 جون کان ان مهم ۾ تيزي آئي هئي ۽ 14 جون تي اسان 20 وڏن شهرن ۾ هاٽ اسپاٽس يعني اُهي علائقا جتي وبا جو پکڙجڻ تيز هو، جي نشاندهي ڪئي ۽ پوءِ صوبن پنهنجا بندوبست ڪيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔